دکايل، هوندراج

دکايل، هوندراج

دکايل هوندراج

دکايل، هوندراج: بيوس سنگ جي شاعرن مان هوندراج دکايل جو نالو نهايت مٿانهون آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي بانين مان هن عوامي ۽ مقبول شاعر ۽ راڳي، هوندراج ’دکايل‘ 16 جنوري 1910ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾، ليلارام ماڻڪ کتريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. پهرين ٽِڪاڻي ۾ گُرمکي، ڏيئل داس جي ’اوجهي‘ (اسڪول) ۾ ٻاراڻو، ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻي ۾ چار درجا سنڌي ۽ ڪجهه عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. ان بعد سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ٻه درجا انگريزي ۽ قومي اسڪول ۾ ٽيون درجو انگريزي پڙهيو. ائين سندس تعليم صرف ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي هئي. مائٽن سندس ڏهن ورهين جي عمر ۾ شادي ڪرائي. هن کي شاعري ۽ سنگيت سان ننڍپڻ کان وٺي گھرو لڳاءُ هو. هڪ ڀيري ننڍيءَ عمر ۾ ئي پيءُ جي اوطاق ۾ پنهنجو شعر جهونگاري رهيو هو ته وٽن اوطاق جي ٻئي ڪمري ۾ رهيل گوسائين ورندرام ’ربابي‘، هوندراج جو آواز ٻُڌي سندس پيءُ کي چيو ته اوهان جو نينگر ڪو ’دُکايل‘ ٿو ڏسجي، ائين هوندراج کي درويش ورندرام وٽان ’دکايل‘ تخلص ملي ويو. اڳتي هلي هوندراج دُکايل، گيت ۽ سنگيت ۾ خاص مهارت حاصل ڪري ورتي.
هن 1924ع کان شاعريءَ جو باقاعدي آغاز ڪيو، ڀڄن، گيت ۽ غزل لکيائين، جيڪي پهرين ڀڳتن ۾ ڀڳت ڳائيندا هئا. سندس پهريون شعر ’ستيه پرڪاش‘ مخزن لاڙڪاڻي ۾ ڇپيو. هوندراج دکايل شاعري دليان ڪئي ۽ شاعريءَ ۾ ڪو اُستاد نه ورتو، پر ڪشنچند بيوس کان مُنڍ کان ئي متاثر هو. کيس ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ ڇِڪي آڻڻ ۾ ڪشنچند بيوس سان گڏ دادا ميلارام واسواڻيءَ ۽ دادا فتح چند واسواڻي (سندر ساهتيه وارا) هئا، جيڪي سندس ماسات پڻ هئا. هن جي شاعريءَ تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڪشنچند بيوس جو ئي آهي، ان ڪري هي ۽ هري دلگير درياڻي، بيوس- سنگ جا شاعر سڏيا ويندا آهن. هوندراج دکايل 1930ع کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ آزاديءَ جا گيت کنجريءَ تي ڳائيندو رهندو هو. انگريز سرڪار جي راڄ ۾ ڪيترا ڀيرا جيل ياترا به ڪيائين. جڏهن مهاتما گانڌي ’هندستان خالي ڪريو‘ (Quit India) جو نعرو هنيو ۽ ’ستيا گرهه‘ جو اعلان ڪيو ته هوندراج ’دکايل‘ گانڌيءَ جو سنيهو کڻي، ڊفلي وڄائيندو، سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمندو رهيو. هي گانڌي وادي ويچارن جو حامي ۽ پرچارڪ هو. ’سوديشي‘ ۽ ’کاڌي تحريڪ‘ جو به خوب پرچار ڪيائين. قيام پاڪستان جي اوائلي ڏينهن ۾ به جيل ويو. آزاد ٿيڻ تي ڀارت ۾ وڃي گانڌيڌام ۾ مقيم ٿيو. هن موسيقيءَ جي آڌار تي تمام گھڻا گيت لکيا. هوندراج دکايل جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’سنگيت ڦول‘ 1946ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ قومي گيتن سان گڏ ڪيترا ٻاراڻا گيت به شامل آهن.
هوندراج دکايل نظم سان گڏ نثر به ڪافي لکيو آهي. هو هڪ صحافي به رهيو آهي. 1958ع کان 1982ع تائين ’ڌرتي ماتا‘ ۽ 1964ع کان 1984ع تائين ’گانڌيڌام سماچار‘ اخبارن سان واڳيل رهيو.
هوندراج دکايل جون تعليمي خدمتون به وسارڻ جوڳيون نه آهن. سنڌ مان لڏي گانڌيڌام وسڻ کان پوءِ 1952ع ۾ هڪ تعليمي سوسائٽي ’گانڌيڌام مئتري منڊل‘ نالي قائم ڪيائين، جنهن طرفان اڳتي هلي ڪيترا تعليمي ادارا قائم ٿيا، جن کي سندس دوست هري دلگير هلي سنڀاليو.
هوندراج دکايل جو آواز ڏاڍو مٺو ۽ وڻندڙ هو. سندس قومي گيتن ۽ ڀڄنن جون ڪيتريون ئي ڪئسٽون سندس آواز ۾ جاري ٿيل آهن، جن ۾ ’وڻ ڪهاڙو‘ ۽ ’ائٽ جو آواز‘ گهڻو مشهور آهن.
هوندراج دکايل جي شاعريءَ جا ڪيترا مجموعا ڇپيل آهن، جن جو تفصيل هيٺين ريت آهي:
(1) سنگـيـت ڦـول (1946ع)، (2) جهـونگار، (3) قـومـي لـلـڪــار، (4) لاهوتي لهر، (5) سنگيت ورکا، (6) پڙلاءُ، (7) گل ٿا روئن تنهنجي ياد جا، (8) سنگيت انجلي (هن مجموعي ۾ هوندراج دکايل جا مٿيان ست ئي شعري ڪتاب شامل آهن).
ان کان سواءِ سندس نثر ۽ نظم جي ڇپيل ٻين ڪتابن ۾ (1) سرووديه گيت، (2) سوامي ڌرم داس جيون ڪٿا (گرمکي ۽ عربي سنڌي لپيءَ ۾)، (3) شرڌانجليون (ديوناگري لپيءَ ۾)، (4) مشاهدو (عربي سنڌي لپيءَ ۾)، (5) اڪ جون ڦلڙيون (ديوناگريءَ ۾)، (6) هوت هردي ۾ وڃايم (ڪهاڻيون)، (7) زندگي هڪ، روپ انيڪ، (8) سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن، اچي وڃن ٿا.
هوندراج دکايل کي ادبي قدرشناسيءَ طور ڪيترائي اوارڊ ملي چـڪـا آهـن، جـن ۾: (1) سـاڌو واسـواڻـي اوارڊ (1959ع)، (2) ’زنـدگـي هڪ روپ انـيـڪـ‘ ڪـتاب تـي مـرڪـزي سـرڪـار جي تعليم کاتي طرفان انعام ( 1964ع)، (3) ڀارت جي صدر پاران شيلڊ (1983ع)، (4) ڀارت جـو وڏي ۾ وڏو ادبـي پـدم شـري اوارڊ (1984ع)، (5) راجسٿان سنڌي اڪيڊميءَ پاران ’دکايل رات‘ ۽ ’سنڌي رتن اوارڊ‘ (1984ع)، (6) گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ’سنمان ۽ پُرسڪار‘ اوارڊ (1985ع)، (7) گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمـيءَ پاران دکايل جي زندگيءَ ۽ ڪم تي ’وڊيو فلم‘ جو اجراءُ (1986ع)، (8) ’سـرو ڀـارت سـنڌي ٻـولـي سـاهـتيـه وڪـاس سڀا‘ پاران اوارڊ (1986ع)، (9) مـڌيـه پـرديـش سـنڌي اڪـيـڊميءَ پاران ’دکايل سمـاروه، دکايل سووينئر ۽ ســنـمـــان (1988ع)، (10) بـمـبـئيءَ ۾ رام پـنــجـواڻـــي اوارڊ (1989ع)، (11) ’فرينڊس آف انٽرنيشنل سنڌيز‘ طرفان ’مئن آف دي ييئر‘ طور ’ايشوري ٻائي بختاڻي اوارڊ‘ (1990ع)، (12) سهيوڳ فائونڊيشن بمبئيءَ پاران ’سهيوڳ يادگار اوارڊ‘ (1991ع)، (13) راڌي شيام مندر مدراس ’جـشـن سـوڀـراج مـل مـوقـعـي تـي خـاص گڏجاڻيءَ ۾ ’ومل اوارڊ‘ (1992ع)، (14) ’سدائين گڏ سنڌي تنظيم‘ طرفان انٽرنيشنل لطيف اوارڊ ۽ سونو ٻلو (دبئيءَ ۾: 1992ع)، (15) ’اسين سنڌي سنستا‘ پاران دهليءَ ۾ ڀارتي ڪـائونسل طرفان سنمان (1992ع)، (16) سهيوڳ فائونڊيشن طرفان ’نارائڻ شيام‘ روڪ انعام، (17) ’پريه درشني اڪيڊميءَ‘ پاران بمبئيءَ ۾ رام پنجواڻيءَ جي ياد ۾ ٽرافي ۽ روڪ انعام (1993ع)، (18) ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران 11 لک روپيا روڪ ۽ اوارڊ (3-2002ع) وغيره.
سنڌ ۽ هند جي هن نامور شاعر 3 ڊسمبر 2003ع تي گانڌيڌام ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.01.16  عيسوي

جديد سنڌي شاعريءَ جي بانين مان هن عوامي ۽ مقبول شاعر ۽ راڳي، هوندراج ’دکايل‘ 16 جنوري 1910ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾، ليلارام ماڻڪ کتريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو.


2003.12.03  عيسوي

سنڌ ۽ هند جي هن نامور شاعر 3 ڊسمبر 2003ع تي گانڌيڌام ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرويز سجاد حيدر
حمل فقير 1
شهاب الدين صوفي
ملا محب علي سنڌي سيوستاني
سوامي پرمانند
حافظ حيات شاهه
ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي
امير خسرو
داتا فيض درياهه شاهه
زيب عاقلي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون